رڻ تي رم جھم

رڻ تي رم جھم

رڻ تي رم جھم

رڻ تي رم جھم (ڪتاب): هي سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ نظم ۽ وايون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جو لکيل آهي. هن لکيو آهي ته: ”اياز پنهنجي ڀرپور ڏات، تجربي، آزمودي، مشاهدي ۽ وسيع مطالعي سان سنڌ جي لازوال عظمتن ۽ پنهنجي غير فاني تخليقن کي نهايت سهڻي ۽ سليس انداز ۾ بيان ڪيو آهي.“
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1986ع ۽ ٻيو ڇاپو 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن جي سهڪار سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 150 صفحن تي مشتمل هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 70 روپيا ڄاڻائي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو